حڪيم پير عبدالحليم ثاني

حڪيم پير عبدالحليم ثاني: هيءُ نوشهري فيروز جو مشهور حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس تعلق نوشهري فيروز جي انصاري بزرگن سان هو . سندس والد جو نالو پير صفي الله ”عاشق“ هو. هن 1875ع ڌاري نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڏاڏي جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. علمِ طب سندس خانداني پيشو هو. علمِ نفسيات جو ماهر هو. سندن دواخانو هميشه مريضن سان ڀريل رهندو هو. 5 مارچ 1965ع تي وفات ڪيائين. سندس پونئيرن مان پير شهاب الدين ثاني ۽ پير انور شاهه نوشهري فيروز ۾ پنهنجو دواخانو هلائي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو